دل ته چوي ٿي

دل ته چوي ٿي

دل ته چوي ٿي

دل ته چوي ٿي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل، نظم، گيت، وايون ۽ دوها شامل آهن. هن ڪتاب ۾ مهاڳ وغيره شامل نه آهي. البت ليکڪ ۽ پبلشر مرتضيٰ سيال پاران نوٽ شامل آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي تاجل بيوس، ذوالفقار سيال، زاهد راڄپر ۽ مظهر خاصخيليءَ جا تاثرات ڏنا ويا آهن. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 206 صفحا آهن. هي ڪتاب سنيهو پبلشرز ڄام شوري، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 175 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو